رستم 2

رستم (شهر): رستم، شڪارپور ضلعي جو هڪ اهم شهر آهي، جنهن جي پکيڙ ٽي ڪلوميٽر چورس آهي. هي شهر اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 25 ڊگرين تي بيٺل آهي.
روايت آهي ته هي شهر رستم خان مهر ٻڌايو هو. هي شهر شڪارپور اسٽيشن کان 8 ميلن جي پنڌ تي آهي. هتي گيهه، چانور ۽ ٻئي اناج جو واپار هلي ٿو. هتي واڻ ۽ ٺڪر جا ٿانو عمدا ٺهن ٿا. ان کان سواءِ هتان جا ڳاڙها مرچ ۽ تماڪ به مشهور آهي. ڪن محققن جي راءِ موجب ته هي شهر اصل ۾ هندن جو اڏايل هو، جو تاريخي تجزيي مان معلوم ٿئي ٿو ته هي شهر رستم مهر جو ٻڌايل نه آهي، ڇاڪاڻ ته مهر هن خطي ۾ ارغون دور ۾ آيل ڏسجن ٿا، جڏهن ته رستم عرب دور حڪومت کان به اڳ جو آباد شهر آهي. رستم شهر ۾ قديم زماني کان وٺي هندو آباد هئا، جڏهن ته مختلف ذاتين جا مسلمان مختلف ڳوٺن ۽ شهرن کان لڏي اچي آباد ٿيا.
1946ع تائين رستم ۾ اڪثر اڏايل خوبصورت جايون سڀ هندن جون آهن. رستم جو علائقو معاشي طور خوشحال رهيو آهي. هندن جي زماني تائين هتي وڏي اناج منڊي هئي. هن شهر جي چوڌاري تمام گهڻو وکر ٿيندو هو. رستم شهر ۾ آڏاڻن تي ڪپڙو به تيار ٿيندو هو، جيڪو ٻين شهرن ڏانهن موڪليو ويندو هو.
هتان ڪيترا اديب ۽ شاعر نروار ٿيا، جن ادبي خدمتون انجام ڏنيون. هاسانند پرسواڻي رستم وارو شيخ اياز جو استاد هو، (جنهن اياز کي شڪارپور ۾ پڙهايو هو) ۽ ٻيا ڪيترائي قابل ذڪر آهن، جن ۾ هن وقت گوهر سنڌي، شريف شاد سومرو اچي وڃن ٿا.
انتظامي لحاظ کان هي شهر تعلقي لکي ۽ ضلعي شڪارپور ۾ شامل آهي ۽ ٽائون ڪميٽيءَ جو درجو رکي ٿو.
رستماڻي، ڊاڪٽر ڪرم علي: ڊاڪٽر ڪرم علي رستماڻيءَ جو جنم، 10 آڪٽوبر 1966ع تي نوابشاهه ۾ ٿيو، مئٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه مان ڪيائين ۽ ايم بي بي ايس جو امتحان ايل. ايم. سي ڄامشوري مان ڏئي ڊاڪٽر ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو